صحت بابت عالمي اداري لاڪ ڊائون ۾ نرمي بابت تڪڙا قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

جينيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) حڪومتن کي مشورو ڏنو آهي ته هو لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ بابت تڪڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪن.

ڊبليو ايڇ او يورپ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس چيو آهي ته يورپ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن عالمي سطح تي ڪورونا جي وڌندڙن ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ڪورونا جا ڪيس لاڳيتو وڌي رهيا آهن. ٽيڊروس چيو ته يورپ کان پوءِ برازيل ڪورونا وائرس جو نئون مرڪز بڻجندو پيو وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ برطانوي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو هو ته ڪورونا وائرس جو جلد خاتمو ممڪن ناهي. ان جي ٻئين ۽ ٽئين لهر به اچي سگهي ٿي. ڊبليو ايڇ او يورپ جي سربراهه ڊاڪٽر بينس گلوگ چيو هو ته دنيا اڃان ڪورونا وائرس کان ڇوٽڪاري واري وقت کان تمام گهڻو پري آهي جيستائين ويڪسين تيار نٿي ٿئي هن وبا جو خاتمو ممڪن ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔