پرڏيهه ۾ ڦاٿل 63834 پاڪستاني ملڪ واپس پهچي ويا

اسلام آباد: مختلف اڏامن جي ذريعي پرڏيهه ۾ ڦاٿل 63 هزار 834 پاڪستانين کي واپس آندو ويو آهي.

رپورٽ موجب 336  ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامن جي ذريعي پرڏيهه ۾ ڦاٿل 63 هزار 834 پاڪستانين کي ملڪ واپس آندو ويو آهي. مسافرن کي آڻڻ جي لاءِ قومي ايئرلائين جا 238 ۽ پرڏيهي ايئرلائن جون 98 اڏامون آپريٽ ڪيون.

پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي ساڍا 46 هزار، پرڏيهي ايئر لائن مان 17 هزار 332 پاڪستانين جي ملڪ واپسي ٿي. پاڪستانين کي ملڪ واپسي جي لاءِ يو اي اي کان 124 قطر، 36 سعودي عرب مان 63 اڏامون آپريٽ ڪيون ويون.

يو اي اي مان ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامن جي ذريعي 24 هزار 178، قطر مان 7 هزار 948 پاڪستانين جي ملڪ واپسي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔