آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغانستان پهچي ويو

ڪابل/اسلام آباد: )آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان پهچي ويو جتي هن ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي.

هن دوري ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به آرمي چيف سان گڏ آهي. پاڪستان  جو افغانستان لاءِ خاص نمائندي محمد صادق به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي آهي.

ملاقات ۾ افغان مفاهمتي امن عمل، سرحدي معاملا ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. هن ملاقات جو پس منظر افغان مفاهمتي عمل آهي. افغانستان ۽ پاڪستان  وچ ۾ ايڪشن پلان تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي ڪنڊيدار تارون ۽ بارڊر جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

بچاءُ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ملاقات سان افغان عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ملندي. زلمي خليل زاد به ڪجهه  ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي هئي جنهن کان پوءِ پاڪستان افغانستان جي لاءِ محمد صادق کي خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔