فلم ۾ بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي:مهوش حيات

ڪراچي : تمغه امتياز ماڻيندڙ پاڪستان جي مقبول اداڪارا مهوش هيات جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ فلم انڊسٽري پنهنجي ڪم ذريعي پاڪ-ڀارت لاڳاپا بهتر ڪري سگهي ٿي. مهوش حيات هڪ تيازي انٽرويو ۾ پنهنجي ايندڙ بائيو پڪ فلم ۽ مختلف موضوعن تي ڳالهايو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب بينظير ڀٽو جي سوانح حيات تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان مهوش حيات چيو ته مان اڃان هن فلم بابت وڌيڪ تفصيل سان ڳالهائڻ نٿي چاهيان ڇو ته فلم اڃان شروعاتي مرحلي ۾ آهي. مهوش جو چوڻ هو ته مون کي عوامي سطح تي هن فلم بابت وڌيڪ ٻڌائڻ جي اجازت ناهي پر ايترو چونديس ته محترمه بينظير ڀٽو منهنجي لاءِ هڪ شيڪسپيرين هيروئن آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان سندس ڪردار نڀائڻ جي چونڊ ڪئي. هن چيو ته فلم ۾ محترمه بينظير جي آڪسفورڊ جي ڏينهن کي ڏيکارڻ ۽ جهڙي ريت کيس شهيد ڪيو ويو، سموريون خدمتون ڪردار طور فلم ۾ ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. مهوش حيات پنهنجي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان ڪنهن به ڪردار جي چونڊ ڪرڻ کان اڳ ان بابت ڄاڻيندي آهيان ته هن ڪردار جي خاصيت ڪهڙي آهي ۽ ان ڪردار ۾ عورت کي مضبوط ڏيکاريو ويو آهي يا نه، اهو سڀ ڄاڻڻ کانپوءِ ئي ڪردار نڀائيندي آهيان. ياد رهي ته ان کان اڳ مهوش حيات هڪ انٽرويو ۾ بينظير ڀتو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جي حوالي سان چيو ته هو بينظير ڀٽو منهنجي لاءِ هڪ هيرو آهي ۽ سندس زندگي متاثر ڪندڙ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔