سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصولي خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصولي جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته ايڊوانس ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ڏيندڙن صارفين تي لاڳو نٿو ٿئي، جيڪڏهن درخواستگذار انڪم ٽيڪس ادا ڪندو آهي ته اهو اسان سان رابطو ڪري ها.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته بجلي  وڪرو ٿيندڙ شيءَ آهي جنهن تي ٽيڪس لڳندا آهن، جڏهن ته فيول ايڊجسٽمينٽ تيل جي قيمتن موجب ريگوليٽ ٿيندا آهن.

انهي تي عدالت چيو ته فيول ايڊجسٽمينٽ ڪيترن مهينن کان پوءِ ٿيندا آهن، جيڪڏهن ڪو ڪرائي واري گهر ۾ رهي ٿو ته اها فيول ايڊجسٽمينٽ انهي جي حق تلفي آهي.

عدالت درخواستگذار کان سوال ڪيو ته فنانس ايڪٽ جي تحت ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي،  ڇا اوهان فنانس ايڪٽ چيلينج ڪيو؟ جنهن کان پوءِ عدالت بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصولي جي خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته درخواست رد ڪرڻ جا سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔