ڪراچي ڌماڪو: چين پاڪستان کان هنگامي بنيادن تي جاچ ۽ ڏوهارين کي سخت سزا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي :ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو گذريل رات ٿيل ڌماڪي بابت چيني سفارتخاني جو بيان سامهون آيو آهي.ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو رات دير سان ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا.وزيراعظم پاڪستان، گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ايئرپورٽ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي تي چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيني عملي جي گاڏي تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو حملو ڪيو ويو.حملي ۾ ٻه چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ڪجهه مقامي شهري به متاثر ٿيا.چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. اسان پاڪستان کان فوري ايمرجنسي پلان لاڳو ڪندي جاچ جي درخواست ڪئي آهي.دوست ملڪ جي سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستاني اختيارين کان مطالبو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ حملي آورن کي سخت سزا ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔