لاس ايجنلس: ٽِڪ ٽاڪ جي مقبوليت ٻين ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي به پاڻ بدلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ مختلف پليٽ فارمز طرفان مختصر وڊيوز کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي. حقيقت ۾ ٽِڪ ٽاڪ جي مقبوليت يوٽيوب کي مختصر وڊيوز تي ٻڌل فيچر شارٽس متعارف ڪرائڻ تي مجبور ڪيو جنهن ۾ واهپيدار هڪ منٽ ڊگهي وڊيوز پوسٽ ڪري سگهن ٿا. پر هاڻ يوٽيوب طرفان پنهنجي شارٽس فيچر ۾ وڊيوز جي دورانيي ۾ ڦيرڦار جو ارادو ظاهر ڪيو ويوآهي. 15 آڪٽوبر تي يوٽيوب ۾ وڊيوز جو دورانيو هڪ منٽ مان وڌي ٽن منٽن تائين وڌي ويندو. ٽِڪ ٽاڪ ۾ ڊگهي عرصي کان 10 منٽ ڊگهي وڊيو پوسٽ ڪرڻ وارو آپشن موجود آهي، جڏهن ته ڪمپني طرفان وڊيوز دورانيو 30 منٽن تائين وڌائڻ تي ڪم جاري آهي. هاڻي لڳي ٿوته گوگل طرفان ان ميدان ۾ به ٽِڪ ٽاڪ کي ٽڪر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدار ڊگهي عرصي شارٽس وڊيو دورانيي ۾ ڦيرڦار جو مطالبو ڪري رهيا هئا، انڪري شارٽس جي دورانيي کي وڌايو پيو وڃي. شارٽس جي دورانيي ۾ واڌ سان گڏوگڏ يوٽيوب طرفان ڪجهه ٻين فيچرز جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. يوٽيوب فيچرز ۾ هڪ فيچر شارٽس فيڊ ۾ ڪمنٽس جي پريويو جو آهي. ان کانسواءِ ڪمپني طرفان ٽيمپليٽس نالي فيچر تي ڪم جاري آهي جنهن ذريعي واهپيدار شارٽس ڪئمرا ذريعي يوٽيوب تي موجود ڪلپس کي پنهنجي وڊيوز جو حصو بڻائي ري مڪس ڪلپس ٺاهي سگهندا. جيڪڏهن اوهان کي شارٽس پسند ناهي ته ان لاءِ به هڪ ٽول متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان ٽول ذريعي ڪمپني طرفان اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ شارٽس ڏسڻ وارو آپشن ڏنو ويندو. ان ٽول تائين پهچ يوٽيوب ايپ سيٽنگز ذريعي ممڪن هوندي.