افغان سفارتخاني جي وضاحت رد، قومي تراني جي بي حرمتي عالمي قانون جي خلاف آهي: پاڪستان

اسلام آباد:  پاڪستان افغان قونصلر جنرل طرفان قومي تراني جي بي حرمتي جي معاملي تي افغانستان جي سفارتخاني جي وضاحت کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته قومي تراني جي بي حرمتي عالمي قانون جي خلاف آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته لبنان ۾ تازن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. ڌماڪن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي لبناني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان لبنان جي خودمختاري ۽ سلامتي جي مڪمل طور تي حمايت ڪري ٿو.

ممتاز زهره بلوچ چيو ته افغان قونصل جنرل حفيظ محب الله شاڪر جي پاڪستان جي قومي تراني تي اٿي نه بيهڻ بابت وضاحت کي رد ڪريون ٿا. ميزبان ملڪ جي قومي تراني جي بي حرمتي سفارتي آداب جي ڀڃڪڙي آهي. اسان پنهنجو ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته افغان قونصل جنرل پاڪستان ۾ سفارتڪار جو اسٽيٽس انجواءِ ڪري رهيا آهن انهن وٽ پاڪستان جو ويزه موجود آهي.

پشاور ۾ 12 ربيع الاول تي منعقد ڪيل رحمت العالمين ڪانفرنس ۾ شريڪ افغان قونصل جنرل ۽ ان جا ساٿي پاڪستان جو قومي ترانو وڄڻ تي ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ احترام جي طور تي اٿي نه بيٺا هئا. پاڪستان طرفان سخت احتجاج کان پوءِ افغان قونصليت جي ترجمان وضاحتي بيان جاري ڪيو هو ۽ چيو  هو ته پاڪستاني تراني جي بي حرمتي جو مقصد نه هو، تراني ۾ ميوزڪ هو انهي لاءِ قونصل جنرل نه بيٺو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور قومي تراني جي احترام ۾ اٿي نه  بيهندڙ افغان قونصل جنرل جي حمايت ڪئي هئي.

هن چيو ته غزه ۾ اسڪول تي اسرائيلي دهشتگرد حملي جي به مذمت ڪريون ٿا. اسرائيل جي مهم جوئي علاقائي امن لاءِ خطرو آهي. گذريل سال آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو جاري آهي. عالمي قانون جي ڀڃڪڙي تي اسرائيل کان جواب طلب ڪرڻ گهرجي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات جو ڪوبه امڪان نه آهي. پاڪستان جو ڪنهن به اداري يا ملڪ کي بيسز ڏيڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. اهڙي قسم جي سمورين خبرن جي ترديد ڪريون ٿا. اهڙي طرح جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔