چارسده ۾ تيز برسات، ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

چارسده : خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۽ چارسده ضلعي ۾ طوفان ۽ تيز برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن جون ڇتون ڪري پيون.ريسڪيو ذريعن موجب چارسده جي علائقي ترنگزئي خٽ ڪورونا ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سبب هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب چارسده ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿيلن ۾ مڙس، زال ۽ 3 ٻار شامل آهن.ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي چارسده جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔