پي ٽي اي ايڪس جي بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

ڪراچي : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) ايڪس ( ٽوئيٽر ) جي بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس جي بندش خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي اي جي وڪيل ايڪس جي بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي تصديق ڪئي.
پي ٽي اي جي وڪيل احسن امام موقف اختيار ڪيو ته جنهن درخواست ۾ هو وڪيل آهي ان ۾ ايڪس جي بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ليٽر واپس ورتو ويو آهي ته ايڪس بحال ٿي ويو؟ درخواست گذار جي وڪيل معيز جعفري چيو ته في الحال ايڪس تائين پهچ ممڪن ناهي ٿي سگهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته ايڪس جي بندش جو هاڻي ڪو به نوٽيفڪيشن نه آهي، ان جو مطلب اِهو ئي آهي ته ايڪس بحال ٿي ويو آهي.
پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته هن کي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پي ٽي اي هر درخواست لاءِ الڳ وڪيل رکيو آهي؟ اِهو ته غلط آهي جو هڪڙي وڪيل کي آگاهي ڏني وئي آهي ٻئي کي نه.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 28 مارچ تي وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرايو ته ايڪس ڪم ڪري رهيو آهي پر اڃا تائين ايڪس تان پابندي ناهي هٽائي وئي.
ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ايڪس کي بند ڪيو ويوهو، عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ايڪس جي بندش بابت سبب ڄاڻائڻ گهرجن.
درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته توهينِ عدالت جي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، پر عدالت حڪمن باوجود ايڪس بند آهي.
عدالت سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جي بندش بابت سرڪاري موقف ڄاڻڻ لاءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔