اسٽيٽ بئنڪ نون نوٽن جي سيريز بابت اهم وضاحت جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي ؛ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نون بئنڪ نوٽن جي سيريز بابت اهم وضاحب جاري ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته جنوري ۾ آرٽ مقابلي سان گڏ نون بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڊيزائننگ وارو عمل شروع ڪيو ويو، مقابلي جو مقصد فنڪارن کي اتساهڻ ۽ عالمي سطح تي بهترين ڊيزائن جي تياري ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، ڊيزائنز جو جائزو ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو، فاتح انٽريز جو اعلان پنج سپٽيمبر تي ڪيو ويو.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مقابلي جي نتيجن کي ڪجهه حلقن طرفان نون نوٽن جي سيريز جي ڊيزائنز جي شارٽ لسٽنگ سمجهيو ويو جڏهن ته نتيجن جي اعلان جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪاوشن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازڻ هو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، جن ڊيزائنز کي فاتح قرار ڏنو ويو اِها بئنڪ نوٽن جي نئين سيريز لاءِ شارٽ لسٽڊ ڊيزائن ناهي، ڄاڻايل نئين سيريز جي حتمي ڊيزائن مشهور عالمي ڪمپنيون ڊيزائن ڪري رهي آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته اِهي ڪمپنيون ڊسمبر 2024 تائين نون نوٽن جي ڊيزائنز لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ وري اسٽيٽ بئنڪ بورڊ طرفان منظور ڪيل ڊيزائنز جنوري تائين وفاقي حڪومت کي پيش ڪيا ويندا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، وفاقي حڪومت جي منظور کانپوءِ ئي نئين ڊيزائن وارن نوٽن جي سيريز جي ڇپائي شروع ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔