جج همايون دلاور جا گرفتاري وارنٽ جاري

بنون : بنون ۾ سرڪاري زمين تي مبينا قبضي واري ڪيس ۾ اسپيشل جج سينٽرل 2 اسلام آباد همايون دلاور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان عدالت مان جج همايون دلاور جي ڀاءَ، پيءَ ۽ رجسٽرار جا به گرفتاري حاصل ڪيا ويا، ان معاملي ۾ حڪومت کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
ان ڏس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي اينٽي ڪرپشن بابت خاص مددگار مصدق عباسي جو چوڻ آهي ته اسپيشل جج همايون دلاور ۽ سندس ٽن ڀائرن خلاف ايف آءِ آر داخل آهي.
هن چيو ته اينٽي ڪرپشن عدالت مان گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا ويا آهن، جوابدارن جعلسازي ڪري زمين پنهنجي نالي ڪرائي هائوسنگ سوسائيٽي ۾ شامل ڪئي ۽ جج همايون دلاور هائوسنگ سوسائيٽي جو چيف ايگزيڪٽيو آهي.
ياد رهي ته اسلام آباد جي عدالت جي جج همايون دلاور 5 آگسٽ 2023 تي توشاخانا ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.
ان کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔