قومي اسيمبلي اجلاس: خواجه آصف ۽ علي محمد خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خواجه آصف ۽ پي ٽي آءِ جي علي محمد خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي جدوجهد اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ۽ وڃڻ کان پوءِ ڏسو، هنن جو اڳواڻ باجوه سان ملڻ جي لاءِ گاڏي جي ڊگي ۾ بند ٿي ويو هو.

هن چيو ته ڪالهوڪو واقعو ڪجهه واقعن جي ڪڙي آهي، 9 مئي تي سمورا حدف فوج جي نالي ڪري توهين ڪئي وئي. اوهان ڪرنل شير خان جو مجسمو ٽوڙي انهي جي توهين ڪئي، پوءِ 6 سيپٽمبر تي وڃي فاتحه خواني ڪريو ته انهي کان وڏي ٻئي ڪابه منافقت نٿي ٿي سگهي.

دفاع واري وزير چيو ته هنن ماڻهن منهنجي مٿان آرٽيڪل 6 لڳايو ته علي محمد خان ڪابينه ۾ انهي فيصلي جي حمايت ڪئي. منهنجو اڳواڻ پنهنجي پوري خاندان سان گرفتار ٿيو. هي هاڻ ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن ٻيو ڪجهه به نه آهي. هنن جون عورتون آهن ٻين جون عورتون نه آهن.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تقرير جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته اڄ 2 ڏينهن ٿي ويا آهن، 13 ڏينهن رهجي ويا، اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته هو لشڪر وٺي اچي.

خواجه آصف جي تقرير دوران شاندانه گلزار ۽ علي محمد خان سيٽن تي بيهي رهيا ۽ گوڙ ڪيو جنهن تي دفاع واري وزير چيو ته هنن جي پڇ تي پير رکيو آهي ته هاڻ هي رڙيون ڪري رهيا آهن.

خواجه آصف شاندانه گلزار سان مخاطب ٿيندي چيو ته مان اوهان سان نٿو ڳالهائڻ چاهيان، پوءِ  وري اوهان چوندو ته مان عورت آهيان جنهن تي علي محمد خان جواب ڏنو ته تميز سان ڳالهايو. علي  محمد خان کي جواب ڏيندي خواجه آصف چيو ته مون تميز اوهان کان ئي سکي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔