رياستي ادارن تي حملو ڪندڙن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: اسحاق ڊار

لنڊن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو آهي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ عالمي فورمز استعمال ڪيا آهن انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽريز سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون.  مانجهندي ۾ ڊپٽي اسپيڪر هائوس آف ڪامنز نصرت غني، پارليامينٽ ميمبر ياسمين قريشي، لارڊ قربان حسين، بيرونس نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، بيرونس سعيده وارثي، بيرونس شائسته گوهر، پارليامينٽ ميمبرن محمد افضل خان، نسيم شاهه، عمران حسين، طاهر علي، زبير احمد، عدنان حسين، محمد ياسين ۽ ايوب خان شرڪت ڪئي

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نئين چونڊيل برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهي ڳالهه جو ارادو ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل مضبوط رابطا قائم آهن، برطانيه جي تازي چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 پارليامينٽ ميمبر چونڊجي آيا آهن.

اسحاق ڊار برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي پاڪستان جي معاشي بحالي جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته 2013 کان 2017 تائين اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت دوران پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ انهي جو جي 20 ميمبر بڻجڻ جو امڪان هو.

پنهنجي پارٽي جي گذريل حڪومت جي دور جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت تي به ڪنٽرول ڪري ورتو هو پر 2018 ۾ شروع ٿيندڙ سياسي عدم استحڪام پاڪستان کي اقتصادي پٽڙي تان لاهي ڇڏيو هو. هن چيو ته گذريل حڪومت طرفان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان(ٽي ٽي پي) جهڙي انتهاپسند گروپن کي خوش ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي واري پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي دهشتگردي جي بحالي جو سبب بڻجي آهي.

نائب وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪنهن به اندروني يا بيروني عناصر کي سياسي عدم استحڪام کي هوا ڏيڻ جي ارادي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن چيو ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو آهي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ عالمي فورمز استعمال ڪيا آهن انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هن چيو ته حڪومت انهي سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندي ۽ هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي رستي واپس  آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي تازو حڪومت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي کنيل قدمن جا هاڻ ثمر اچڻ لڳا آهن. اسحاق ڊار چيو ته مهانگائي کي سنگل ڊيجٽ تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان گذريل سال قائم ڪيل خصوصي سرمائيڪاري جي سهولت ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) پاڪستان جي توانائي، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبي ۾ پرڏيهي سرمائيڪارن جي نمايان دلچسپي ظاهر ڪري رهي آهي.

پرڏيهي وزير پارليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪومت ڪهڙي طرح پاڪستان ۾ سنڌو سنئون برطانوي پرڏيهي سرمائيڪاري کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻطرفي واپاري حجم ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت پاڪستاني پرڏيهين کي پاڪستان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ هڪ نئين ويزا فري پاليسي متعارف ڪرائي رهي آهي.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل، جمون، ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽريز جو ٿورو ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔