سپريم ڪورٽ مان لکين رپين جا ڪمپيوٽر چوري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان لکين رپين جا 2 ڪمپيوٽر سسٽم چوري ٿي ويا.ڊائريڪٽر جي آءِ ٽي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ٿاڻي تي ڪمپيوٽر سسٽم چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپيوٽرن کي ٽين منزل تي ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويو جتان اهي چوري ڪيا ويا، سينيئر ڊائريڪٽر نيٽ ورڪ جو چوڻ آهي ته 2 نوان ڪمپيوٽر اتي نه هئا.ايف آءِ آر موجب نون ڪمپيوٽرن ۾ سي پي يو ۽ ايل سي ڊي شامل آهن، سي سي ٽي وي ۾ 2 ملازم فيصل ۽ زاهد کي شڪي حرڪتون ڪندي ڏٺو ويو، چوري ٿيل ٻنهي ڪمپيوٽرن جي قيمت 6 لک رپيا آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔