چيف جسٽس ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب کان پوءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

صحافي سوال ڪيو ته راڻا ثناءُالله چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن سمورن ججز جي عمر وڌائي وڃي ته اوهان به ايڪسٽينشن وٺڻ تي متفق آهيو؟

جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته راڻا ثناءُالله کي منهنجي سامهون وٺي اچو، هڪ گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، جسٽس منصور علي شاهه ۽ اٽارني جنرل موجود هئا، انهي گڏجاڻي ۾ راڻا ثناءُالله موجود نه هو. ٻڌايو ويو ته سمورن چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، مون کين چيو ته ٻين جي ڪري ڇڏيو مان صرف پنهنجي لاءِ اهڙي  آڇ کي قبول نه ڪندس مون کي ته اها به خبر نه آهي ته سڀاڻي مان زنده رهندس به يا نه.

6 ججز جي خط جو معاملو ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ٿيڻ بابت سوال تي چيف جسٽس چيو ته 6 ججز جي خط جو معاملو ڪميٽي کي مقرر ڪرڻو آهي. جسٽس مسرت بلالي طبيعت خراب هجڻ سبب عدالت ۾ نه اچي رهيو آهي انهي جي ڪري بينچ نه پيو ٺهي.

نئين عدالتي سال جي حدفن بابت سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته ڪيس مينجمينٽ سسٽم ۾ بهتري آڻينداسين ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔