ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولي جي اگهن ۾ 2000 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولي جي رقم ۾ 2000 رپيا گهٽتائي ٿي، جنهن بعد في تولي جي قيمت 2 لک 61 هزار 500 رپيا ٿي وئي.

ايسوسي ايشن موجب 10 گرام سون جي قيمت 1714 رپيا گهٽ ٿي 2 لک 24 هزار 194 رپيا ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون 21 ڊالر گهٽ ٿي ڪري 2497 ڊالر في اونس ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔