صدر اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن بابت قانون تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن بابت قانون تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ کان هي قانون لاڳو ٿي ويو آهي. هي بل جمعي تي قومي ااسمبلي مان منظور ڪرايو ويو هو. ايوان بالا سينيٽ اڳ م هي بل منظور ڪيو هو. اسلام آباد ۾ عوامي ميڙاڪن منعقد ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪرڻ تي 3 کان 10 سالن جي سزا وارو قانون عمل ۾ اچي ويو آهي. هن قانون جو عنوان “پرامن اسيمبلي ۽ پبلڪ آرڊر ايڪٽ، 2024” آهي. غير مجاز عوامي ميٽنگ ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي 3 سال جيل جي سزا ملندي جڏهن ته اهڙين گڏجاڻين دوران ڪو به ڏوهه ڪندڙ کي 10 سال قيد جي سزا ڏني ويندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت سنگجاني، اسلام آباد جي ڀرپاسي يا ڪنهن ٻئي هنڌ کي گڏجاڻين لاءِ نامزد ڪندي، جنهن کانپوءِ گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد م سياسي جلسو يا جلوس منعقد ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڌر جو رابطا ڪار ذميوار اجازت لاءِ 7 ڏينهن اڳ ڊي سي کي درخواست ڏيندو، ڊي سي جي فيصلي خلاف ڪمشنر وٽ اپيل ڪري سگهبي ۽ ان جي فيصلي خلاف نطر ثاني جي درخواست گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي ڏني ويندي. جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو سبب لکت ۾ ڏنو ويندو ۽ متاثره ڌار کي 15 ڏينهن ۾ اپيل جو حق هوندو. مئجسٽريٽ کي ڪنهن به وقت اجازت رد ڪرڻ ۽ جلسي تي پابندي جو اختيار هوندو. ياد رهي ته هي بل تڪڙ ۾ بظاهر پي ٽي اءِ جي جلسن کي روڪڻ لاءِ آندو ويو آهي. پي ٽي آءِ آچر تي جلسي جو اعلان ڪري چڪي آهي مويشي منڊي واري گرائونڊ ۾ اسٽيج جي تياري سميت سرگرميون جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔