آءِ ايم ايف حڪومت کي فصلن جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: آءِ ايم ايف هڪ ٻئي وڏي شرط لڳائيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪڻڪ ۽ ڪمند سميت زرعي فصلن جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

آءِ ايم ايف جي اهڙي شرط سبب ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جون فصلون متاثر ٿينديون جڏهن ته ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ تي پابندين سبب هاري کي مهانگي اگهه تي ڀاڻ خريد ڪرڻو پوندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم طرفان امدادي قيمت سبسڊي ڏنل ڀاڻ تي پابندين تي عمل هلندڙ فصل(سارين) کان شروع ٿيندو جيڪو جون 2026 تائين مڪمل ڪرڻو پوندو.

پنجاب حڪومت اڳ ئي اهڙي شرط تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، هلندڙ سيزن ۾ پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ناهي ڪئي جنهن سبب ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون 40 سيڪڙو تائين ڪري پيو ۽ مهانگائي سنگل ڊيجيٽ ۾ اچي وئي.

آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن تي اها شرط به لڳائي ڇڏي آهي ته هو آءِ ايم ايف پروگرام جي دوران 37 مهينا بجلي ۽ گيس تي ڪابه سبسڊي نه ڏيندا ناڻي واري وزارت گذريل هفتي آءِ ايم ايف جو اهو پيغام پنجاب حڪومت کي پهچايو آهي.

اهڙي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ پنجاب حڪومت جي ترجمان عظميٰ بخاري ان جي ترديد ڪئي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف شرط موجب صوبائي حڪومتون ڪمند جي امدادي قيمت مقرر نه ڪنديون ۽ نه ئي ملن جي ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ جو چئي سگهن ٿيون.

ياد رهي ته مل مالڪن کنڊ جي مهانگي پيداوار جو سبب مهانگي ڪمند کي قرار ڏنو آهي. گذريل سيزن ۾ حڪومت ڪمند جي قيمت 425 روپيه في مڻ مقرر ڪئي هئي پر ملن ڪمند 425 کان 480 روپيه في مڻ جي حساب خريد ڪيو هو.

ياد رهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ اڃان تائين پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي منظوري ناهي ڏني پر شرط نه صرف لڳائي ڇڏيا آهن پر انهن تي عمل ڪرائڻ جو به خواهشمند آهي. وفاقي حڪومت جنسن جي خريداري بنيادي طور تي فوجي مقصد ۽ گلگت بلتستان جهڙي خصوصي علائقن لاءِ ڪندي آهي، آءِ ايم ايف اها محدود خريداري به مارڪيٽ جي قيمتن تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔