برسات سبب عوام جي اهنجن ۾ واڌ، بيماريون پکڙڻ جو خدشو، انتظاميه غائب

ڪراچي: بلوچستان ۽ مختلف جابلو پٽين مان ايندڙ پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل منڇر جو پاڻي 17 فوٽ تي پھچي ويو ـمنڇر جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا سيوھڻ جي يونين ڪائونسل جھانگارا ڀرسان مسڻ واري سلوپ ۾ پاڻي اچڻ سبب نينئگ ـ ڪائي ـ بڊو ـ ڀت جبل ـ ساھ حسڻ جو سيوھڻ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو يونين ڪائونسل جھانگارھ کي ڏنل سيفٽي رنگ رند جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب جھانگارا شھر ٻڏڻ جو خطرو ـ جھانگارا رنگ بند جي ڪم ۾ مبينا وڏي ڪرپشن جو انڪشاف يونين ڪائونسل جھانگارا جو چيئرمين فرقان شاھ وڏي وزير جي حڪمن کي رد ڪري غائب سنڌو درياءُ ۾ لاٿ کان پوءِ منڇر جي پاڻي جو ڇوڙ درياء ۾ جاري روزانو 5 کان 6 ھزار ڪيوسڪ پاڻي درياءُ ۾ وڃي ٿو آبپاشي کاتي جو انجنيئر امتياز ڀٽو موجب بلوچستان سميت نيئن گاج ۽ ٻين نيئن مان پاڻي اچڻ سبب منڇر ۾ پاڻي وڌيو آھي پر خطري جي ڳالھ ناھي درياءُ لٿو آھي منڇر جو پاڻي درياءُ ۾ آساني سان وڃي پيو اميد آھي ڪجھ ڏينھنن اندر حالتون معمول تي اچي وينديون..ضلعي دادو جي ڪاڇي واسين جي اهنجن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي, نئين گاج جي وهڪري هزارين ڪاڇي واسين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو, پاڻي جي گهيري هيٺ آيل 6 يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا, انتظاميه نالي ڪا شيء نظر ڪانه پئي اچي, هڪ به ڳوٺاڻي کي ريسڪيو ناهي ڪيو ويو نه ئي کين کاڌ خوراڪ سميت سندن سهائتا ڪئي وئي آهي, ٽن ڏينهن کان برسات بيهي وڃڻ ۽ نئين گاج سميت نئن انگئي, نئين سول, نئين نئينگ, نئين نلي ۽ نئين سُڪ جي وهڪري ۾ لاٿ اچڻ باوجود ڪاڇي جي ٽُٽُل روڊ رستن جي بحالي لاءِ انتظاميا پاران ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون ويون, يوسي ڊرگهه ۽ يوسي پٽ گُل محمد جي ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ رستو مقامي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ننڍي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪري ورتو آهي,جڏهن ته يوسي ڇني,يوسي ساوڙو, يوسي کوهه ماڻو, يوسي شاهه حسڻ ۽ يوسي ٽنڊو رحيم خان جي سوين ڳوٺن جا رستا اڃا تائين بحال ناهن ٿي سگهيا جنهن ڪري ڪاڇي واسي گذريل هڪ هفتي کان جوهي دادو هيڊڪوارٽر کان مڪمل طور تي ڪٽيل آهن, هوڏانهن برسات بعد ڪاڇي اندر وڏي پئماني بيماريون پکڙجي ويون گيسٽرو,ڊائري ۽ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي, ساوڙو, ننگر داريو, بازمال, هيروخان, راڄو ڳنڍو, ڊرگهه بالا, فتو بروهي, چاڪر ڪوٽ, الهورايو ڳُڙ, جانو جسڪاڻي, ڪنڊو ٻٻر ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا ڊائريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن , ڪاڇي واسين موجب ڊائريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن کي شهر جي اسپتالن تائين نٿا پهچائي سگهون, ڪاڇي واسين اپيل ڪئي آهي ته صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون لڳرائڻ سميت ڪاڇي اندر پاڻي جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺاڻن کي انتظاميا پاران راشن مهيا ڪيو وڃي,

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔