ٻِي ٽيسٽ برسات سبب متاثر، شاهين ڊراپ ٿيڻ سخت ناراض

راولپنڊي: پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻِي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن راولپنڊي ۾ سخت برسات سبب ٽاس ئي نه ٿي سگهي ۽ پهرين ڏينهن جي راند ڪينسل ڪئي وئي آهي. گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي سان وقفي سان جاري برسات جمعي جي رات کان جمعي ڏينهن منجهند تائين مسلسل هلندي رهي. پاڪستاني ٽيم ۾ شان مسعود (ڪپتان)، سعود شڪيل (نائب ڪپتان)، ابرار احمد، عبدالله شفيق، بابر اعظم، خرم شهزاد، مير حمزا، محمد علي، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا شامل آهن. شاهين آفريدي کي ريسٽ ڏني وئي آهي جيئن هو پنهنجي نئين ڄاول ٻار سان وقت گذاري سگهي. شاهين ڊراپ ٿيڻ تي صدمي جو اطاهر ڪندي چيو ته مان جڏهن پهرين ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد پٽ سان ملڻ ڪراچي آيو هئس ته پوءِ پنڊي ڇو گهرايو ويو؟ ڇا اهو ٻڌائڻ لاءِ ته مون اڪيلي کي دراپ ٿو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔