اسٽاڪ ايڪسچينج، پهرين سيشن ۾ مثبت رجحان

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ پهرين ڪاروباري سيشن ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 442 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 792 تي بند ٿيو.پهرين سيشن ۾ 37 ڪروڙ شيئرز جا سودا 10.95 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 792 پوائنٽس تي بند ٿيو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح گذريل ڏينهن جي قيمت تي برقرار آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح 278 رپيا 64 پئسا تي برقرار رهي.ڪالهه واپار جي بند ٿيڻ تي هي ڊالر جي شرح هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔