پنجگور ۽ زوب ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي

راولپنڊي: سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع پنجگور ۽ زوب ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪيون آهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ان ڪارروائي دوران 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.گذريل رات جي ڪارروائين ۾ سڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد پڻ زخمي ٿي پيا هئا.آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائيون 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي حوالي سان ڪيون ويون.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تائين فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون سڪيورٽي فورسز قوم سان گڏ آهن.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو اهو به چوڻ آهي ته هو بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔