سنڌ ۾ سامونڊي طوفان جو خدشو،سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي سمورن صوبائي کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، ان دوران هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن.هن صوبي جي سمورن اسپتالن کي هدايت ڪئي ته انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.سندس طرفان سمنڊ ۾ غيرمعمولي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فشريز کاتي کي ماهيگيرن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔