گهريلو شين سان سُڪون جي ننڊ، پريشانين ۽ دوائن مان جند ڇڏايو

ننڊ انسان جي لاءِ انتهائي ضروري آهي زندگي جي ڪاروهنوار کي بهتر نموني هلائڻ سميت صحت جي سوين مسئلن کان بچڻ لاءِ پوري ۽ پرسڪون ڪرڻ گهرجي. ماهرن وڏي تحقيقن کانپوءِ اهو ڏٺو آهي ته ماڻهو کاڌي جي بنا چاليهه ڏينهن تائين جڏهن ته ننڊ جي بنا رڳو يارنهن ڏينهن تائين ئي جيئرو رهي سگهي ٿو.

ننڊ پوري نه ڪجي ته جسم هوريان هوريان ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ ٿولهه، بلڊ پريشر، جسم جو سور، چيلهه جو سور ۽ وقت کان اڳ ڪراڙپ اچي ويندي آهي. پر مهانگيون مهانگيون دوائون به جڏهن ڪم نه ڪن ته ڪجهه سستا ۽ سولا نسخا توهان جي لاءِ بهترين ثابت ٿي سگهن ٿا.

هتي اسان اوهان کي اهڙيون گهريلو شيون ٻڌائينداسين جن کي سنگهڻ سان ئي توهان کي سڪون جي ننڊ اچي ويندي.

ڦودنو

ڪجهه ماڻهن کي ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ناهي ايندي انڪري اهي گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ دوائون کائڻ شروع ڪندا آهن ۽ هلي هلي دوائن جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ ننڊ نه اچڻ جي بيماري انهن سان چمبڙي پوندي آهي جنهن کانپوءِ بنا دوا جي ننڊ اچڻ انهن لاءِ ڏکيو بڻجي ويندو آهي جڏهن ته دوا جو دوز به وڌندو ويندو آهي. اهڙي ماڻهن جي لاءِ سولو طريقو اهو آهي ته اهي ڦودني جي چانهه جو استعمال ڪن يا وري هٿن ۾ ڦودنو مهٽي پنهنجي هٿن کي نَڪ جي ڀرسان رکي انهن کي سنگهندا رهن ته کين جلدي ننڊ اچي ويندي.

خس خس جو استعمال

صدين کان وڏا وڏا ڪراڙا ماڻهو پنهنجي ان بيماري جو علاج خس خس سان ئي ڪندا آهن ۽ خس خس کي ننڊ نه اچڻ واري مسئلي جو علاج طور ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. سياري جي موسم ۾ خس خس باقائدا ماني سان استعمال ڪندا آهن. خس خس نشي جو ڪم ڪندي آهي ڀلي انسان ڪيترو به بيقرار هجي خس خس انکي منٽن ۾ هنڌ ڪيري گوگهرا هڻائيندي. اهو طريقو به ننڊ جو سولي ۾ سولو علاج آهي.

بصر جو استعمال

هونئن ته بصر جا صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن  جن بابت اسان هتي ڪيترائي ڀيرا ذڪر به ڪري چڪا آهيون، بصر وار ڇڻڻ، مرداڻي طاقت سميت انيڪ فائدن وارا آهن پر بصر ننڊ جي لاءِ به تمام فائديمند آهن. ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو منجهند جو بصرن جو استعمال ڪن ٿا ۽ ٻارن کي ڪرائن ٿا جنهن جي ڪري انهن کي سڪون جي سولائي جي ننڊ ايندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔