اسرائيل جو 2 ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڏو آپريشن، 12 فلسطيني شهيد

غزهه : اسرائيلي فوج 2 ڏهاڪن ۾ والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ سڀ کان وڏو آپريشن ڪيو.فلسطيني خابرو اداري موجب جنين، تلڪرم ۽ تباس ۾ اسرائيلي فوج جي آپريشن ۾ 12 فلسطيني شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.فلسطيني عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل ويسٽ بئنڪ ۾ ڪارروائي دوران ٻارن سميت 20 فلسطينين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.عرب ميڊيا موجب اتر غزا ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي بمباري سبب هڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف اسرائيلي پارليامينٽ ميمبر عفر ڪاسف به فلسطينين جي حق ۾ ڳالهايو.کاٻي ڌر جي اسرائيلي پارليامينٽ جي ميمبر اسرائيلي فوجي آپريشن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ”جنگ بند ڪريو، قبضو ختم ڪريو! عفر ڪاسف جو چوڻ آهي ته ويسٽ بئنڪ تي حملي جو اسرائيلي سيڪيورٽي سان ڪو به تعلق ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔