پشين: بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڌماڪي سان ٻه ٻار ۽ هڪ عورت مارجي وئي.
پوليس موجب پشين ۾ ڌماڪو پوليس لائن ڀرسان بازار ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي سان ڀرسان بيٺل هڪ گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي ۽ ٻين گاڏين کي نقصان پهتو.
پوليس تصديق ڪئي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار ٿڌي تي مارجي ويا، جڏهن ته زخمي عورت اسپتال ۾ دم ڏنو.
پوليس موجب ڌماڪي ۾ 4 اهلڪارن سميت 13 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
پچھلی پوسٹ