اسٽيو سمٿ پاران ريٽائرمينٽ نه وٺڻ جو اعلان

ميلبورن: اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ چيو آهي ته مان رٽائرمينٽ جو ڪو ارادو ناهي.اسٽيو سمٿ چيو ته مان هن وقت راند مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان ۽ ايندڙ سيزن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز هڪ چيلنج هوندي ڇو ته هو سٺي ٽيم آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته دنيا جي ٻن بهترين ٽيسٽ ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيڻ وارو آهي، ٽيسٽ ۾ اوپننگ جاري رکڻ تي ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته ون ڊي ميچ کيڏڻ لاءِ انگلينڊ وڃي رهيا آهيون اسٽيو سمٿ وڌيڪ چيو ته مان ڪنهن به نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔