پاڻي بوتلن جو معيار چڪاسڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران هر ضلعي کان جر جا سيمپل طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ  چيو آهي ته 5 دريائن جي ديس جي ندين جو پاڻي غير محفوظ آهي، هتي ماڻهو فرانس مان گهرايل پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن

ڪراچي ۾ جر (زميني پاڻي) ڪڍڻ تان ڪراچي واٽر بورڊ  پاران لاڳو ڪيل ٽيڪس خلاف نيسلي ڪمپني جي درخواست تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته بوتلن ذريعي پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪيتريون ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن؟ عدالت پي ايس ڪيو سي اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ليگل) کي  27 آگسٽ تي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٻڌڻي دوران  عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌو درياءَ جو پاڻي انساني استعمال لاءِ ٺيڪ آهي؟جنهن تي پاڻي وسيلن بابت تحقيقاتي ڪائونسل ( پي سي آر ڊبليو آر ) موقف اختيار ڪيو ته سنڌو درياءُ جو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي انساني استعمال لاءِ ٺيڪ ناهي. جنهن تي عدالت چيو ته سنڌ درياءُ جو پاڻي انساني استعمال لاءِ صحيح ناهي پر 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمپنين جو پاڻي مناسب آهي؟  اوهان جو اِهو جواب ئي رپورٽ کي ئي شڪي بڻائي رهيو آهي، جن ڪمپنين جا سيمپل پاس ناهن ٿيندا

اوهان انهن جو ڇا ڪندا آهيو؟ جنهن تي پي سي آر ڊبليو آر جي ريجنل ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته اهي پنهنجي رپورٽ پي ايس ڪيو سي اي ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي موڪليندا آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ته ريسٽورنٽس کانسواءِ ڪٿي نظر ئي ناهي ايندي

ٻڌڻي دوران محمد واوڊا ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي وٽ اهڙين ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي، هن چيو ته بوتلن ذريعي وڪرو ٿيندڙ پاڻي جي جاچ پڙتال واري رپورٽ اعتماد جوڳي ناهي، ڪمپنيون پاڻ پنهنجا سيمپل ٽيسٽ لاءِ موڪلينديون آهن

وڪيل جي موقف تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته بوتلن ذريعي وڪرو ٿيندڙ پاڻي جون ڪيتريون ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن؟ پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ پاڻي ڪيترو محفوظ آهي؟ شديد گرميءَ ۾ پلاسٽڪ جون بوتلون پيل هونديون آهن. جنهن تي ڊاڪٽر شهاب امام چيو ته مائيڪرو پلاسٽڪ سنگين مسئلو آهي، مائيڪرو پلاسٽڪ سبب ڪينسر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پلاسٽڪ جي بوتلن جو مدو پورو ٿيڻ باوجود پاڻي ڪمپنيون وڪري جون ذميوار ناهن، عدالت  وڪيل ڊاڪٽر شهاب امام  ۽ وڪيل  محمد واوڊا  کي جوڊيشل اسسٽنٽ مقرر ڪندي حڪم ڏنو ته هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کان جر جا نمونا طلب ڪري آغا خان ليب ۾ ٽيسٽ ڪرائي وڃي، عدالت پاڻي جي بوتلن جي چڪاس لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري صحت ۽ ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو

عدالت چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي به عدالتي معاونت لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ گهرجي، عدالت پاران چيف سيڪريٽري سنڌ کي  بوتلن وارو پاڻي وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي ڪميشن جوڙڻ لاءِ مدد ڪرڻ جو حڪم ڪندي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔