بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪريون پيا، قوم جلد نتيجا ڏسندي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي مهانگائي ۽ توانائي جي وڌندڙ قيمتن سان  منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستانيءَ جي حيثيت سان اسان جو 77 سالن جو سفر سٺو ناهي رهيو

 اسلام آباد ۾ جشن آزاديءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان جي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ناڻي واڌ  جي شرح  38 سيڪڙو کان گهٽجي  جولاءِ ۾ 11 ڏهائي هڪ سيڪڙو تي اچي وئي، مهانگائي کي جلد سنگل ڊِجٽ تي آندو ويندو

هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريون پيا،  قوم جلد نتيجا ڏسندي، متحد ٿي پنهنجو سفر جاري رکنداسين، ڪجهه ڏينهن ۾ معاشي پروگرام پيش ڪري پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪنداسين، بجليءَ جي قيمتن  ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ سبب عوام پريشان آهي

وزيراعظم چيو ته بجليءَ جي بلن ۾گهٽتائي آڻڻ کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، دشمن ڊجيٽل دهشتگردي جو هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي

هن چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، نوجوان پاڻ کي فسادين، فتني خورن ۽ دوکيبازن کان محفوظ رکن، وزيراعظم شهباز شريف تقريب کان اڳ قومي جهنڊو به ڦڙڪايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔