آرمي چيف طرفان اڳوڻن فوجين لاءِ ڪوٺايل تقريب: جعلي خبرن جي خطري کان آگاهه ڪيو ويو

راولپنڊي: يوم آزادي جي موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير طرفان اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. آرمي چيف ريٽائرڊ آفيسرن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي لگن ۽ قوم جي تاريخ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار جي تعريف ڪئي.

آرمي چيف اتحاد ۽ مشڪلاتن جي سامهون استقامت جي اهميت تي ڏيندي اڳوڻن فوجي آفيسرن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکن.

آرمي چيف جعلي ۽ پروپيگنڊا جي خطري کان به آگاهه ڪيو جيڪو دشمن عناصرن طرفان پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پکيڙيو پيو وڃي. هن يقين ڏياريو ته قوم جي حمايت اهڙين سمورين ڪوششن کي ناڪام بنائي ڇڏيندي.

اڳوڻن آفيسرن پاڪستان آرمي جي قيادت تي ڀروسي ۽ يقين جو اظهار  ڪيو  ۽ اندروني، بيروني سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو. تقريب ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل(ر) راحيل شريف ۽ اشفاق پرويز ڪياني به شريڪ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔