سموري ملڪ ۾ 77 هين آزادي ڏهاڙي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ 77 هين آزادي ڏهاڙي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ڏهاڙي جي شروعات ٿي ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون، مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي تقريب ٿي ، نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جا فرائض سنڀالي ورتا

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽسوري جي مزار قائد تي حاضري، ٻنهي اڳواڻن گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪايو

 ڊي جي رينجرز اظهر وقاص ۽ ڪور ڪمانڊر  ڪراچي ليفٽيننٽ  جنرل بابر افتخار جي به مزار قائد تي حاضري ڏني ، ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جشن آزادي جون ريليون، تقريبون ۽ ميڙاڪا ڪوٺايا ويا

سکر ۾ جشن آزاديءَ جي موقعي تي ملڪ جو ٻيو وڏو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، انتظاميا پاران لب مهراڻ واڪنگ ٽريڪ تي جهنڊو ڦرڪائڻ تقريب ٿي

 تقريب ۾ سکر جي ميئر ارسلان شيخ، ڪمشنر، ڊي سي ۽ ٻين جي شرڪت، قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب دوران پوليس جي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي

 جشن آزادي جي موقعي تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران ميگا پلانٽيشن مهم به شروع ڪئي وئي، ميئر سکر چيو ته مهم دوران 50 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا، اڄ ساڍا 7 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن، مهم جو مقصد شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ گرمي پد گهٽائڻ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔