اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: سيڙپڪارن جا هڪ کرب ٻڏي ويا: سون 700 رپيا مهانگو

ڪراچي: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: سيڙپڪارن جا هڪ کرب ٻڏي ويا، سون 700 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 78هزارن واري نفسياتي حدن کان هيٺ لهي 589 پوائنٽن جي لاٿ سان 77980 پوائنٽن تي پهچي وئي، ڪالهه 63 سيڪڙو شيئر جو اگهه گهٽجڻ ڪري سيڙپڪارن جا هڪ کرب هڪ ارب 74 ڪروڙ ٻڏي ويا

ڪالهه 11 ارب 17 ڪروڙ جا 14 ڪرور 17 لک شيئر وڪرو ٿيا، ٻئي طرف ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 700 رپيا واڌ سان 255800 مان 256500 رپيا في تولو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ 9 ڊالرن جي واڌ سان 2439 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو

هوڏانهن ڊالر 280.5 ۽ چاندي 2850 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 357.5 مان 357 ۽ يورو ڏيڍ رپيو گهٽتائي سان  306.75 مان 305.25 رپين تي پهتا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔