ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، هڪ ڪشميري شهيد

مظفرآباد : والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي.

قابض ڀارتي فوج اسلام آباد ضلعي ۾ ڪشميرين کان تلاشي وٺڻ بعد مٿن فائرنگ ڪئي، ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب هڪ ڪشميري شهيد ۽ ٻه شهري زخمي ٿي پيا،

اسلام آباد ضلعي ۾ سرچ آپريشن ۾ 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

 والاريل وادي جي اسلام آباد ۽ ڪشتواڙ  ضلعن ۾ ڀارتي فوج جو گهيرو ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔