بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا : بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ 16 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش جي قيادت نجم الحسن شنتو ڪندو، اسڪواڊ ۾ محمود الحسن، ذاڪر حسين، شادمان اسلام، مومن الحق، مشفق الرحيم، لٽن داس، مهدي حسن، تيجل الاسلام، نعيم حسن، ناهيد رانا، شريف الاسلام، حسن محمود ۽ سيد خالد محمود شامل آهن.
فاسٽ بالر تسڪين احمد ۽ آل رائونڊر شڪيب الحسن به بنگلاديش اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، پهرين ٽيسٽ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۽ ٻي 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔