وادي تيرا ۾ دهشتگردن سان وڙهندي زخمي ٿيل ليفٽيننٽ شهيد

راولپنڊي :خيبرايجنسي ۾ فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو زخمي ٿيل ليفٽيننٽ شهيد ٿي ويو،

آءِ ايس پي آر موجب 9 آگسٽ تي وادي تيره ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جو جوان سخت زخمي ٿي پيو. جمعي تي وادي تيرا ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب 9 آگسٽ تي وادي تيره ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي هئي، جنهن ۾ 4 خوارج مارجي ويا هئا.آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ سي ايم ايڇ پشاور ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن دم ڏنو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته بهادر آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. ياد رهي ته جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته تيراهه ۾ ٽن مختلف هنڌن تي سڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ ٿيو، جنهن ۾ موثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ 4 خوارج مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔