اسڪولن ۾ هفتيوار2 موڪلن جو اعلان

لاهور : پنجاب جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران اسڪولن ۾ هفتيوار ٻن موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسڪولن ۾هفتيوار 2 موڪلون 15 آگسٽ کان لاڳو ٿينديون، اختيارين جو چوڻ آهي ته استادن تي ڪم جو بار گهٽائڻ لاءِ ڇنڇر ۽ آچر تي 2 موڪلون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڇنڇر ڏهاڙي ٻارڙا اسڪول نه ايندا پر استادن کي پنهنجي حاضري صبح 8 وڳي کان شام 3 وڳي تائين حاضري يقيني بڻائڻي پوندي.

پنجاب جي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اسڪولن جا ٽائمز به جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنگل شفٽ اسڪولن جو ٽائيم سومر کان خميس تائين صبح 8 وڳي کان 1.30 وڳي تائين هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب جمعي ڏهاڙي صبح 8 کان 12 وڳي تائين اسڪول کليل رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔