ڪمار سانو بالي ووڊ ۾ ڪم نه ملڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي : بالي ووڊ جي ليجنڊري گلوڪار ڪمار سانو انڊسٽري ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڪم نه ملڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪمار سانو جو چوڻ هو ته سندس هندي سئنما ۾ سفر انتهائي شاندار رهيو، هاڻي به ماڻهو ملندا آهن، عزت ڏيندا آهن، پيار ملندو آهي پر خبر ناهي ڇو هندي فلمن ۾ سندس آواز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته بالي ووڊ ۾ هاڻي کيس عزت ملندي آهي پر ڪم ناهي ملندو، پر اِها به خبر ناهي ته سندن پيار سچو آهي يا رڳو ڏيکاءُ آهي.
ڪمار سانو وڌيڪ چيو ته مان سڄي دنيا ۾ شو ڪيان ٿو ، جتي منهنجا چاهيندڙ موجود آهن، جتي به ويندو آهيان اتي شو جون سڀ ٽڪيٽون وڪرو ٿي وينديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔