بجلي صارفين لاءِ رليف تيار: حڪومت 90 جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت عوام لاءِ وڏو رليف تيار ڪندي 90 جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

توانائي واري وزير اويس لغاري جي سربراهي ۾ قائم ٽاسڪ فورس فريم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن موجب 90 جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جو اعلان جلد ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻين آءِ پي پيز ڪمپنين جي معاهدن تي به نظرثاني تي غور ڪيو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ 201 کان وڌيڪ يونٽ جي صارفين لاءِ به فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب 201 کان وڌيڪ يونٽ صارفين کي 6 مهينن تائين ساڳئي سليب ۾ رکڻ جي پاليسي ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

201 کان مٿي يونٽ جي صارفين لاءِ خصوصي سليب رکيا ويندا، 201 کان وڌيڪ يونٽ وارن بجلي صارفين جي لاءِ 26 روپيه في يونٽ سليب مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته توانائي وارو شعبو معيشت جي لاءِ اهم آهي، انهي ۾ اصلاحات ڪري رهيا آهيون ۽ انهن اصلاحات تي عمل به يقيني بنائينداسين. هن چيو ته اصلاحات تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن صروري آهي. قومي ٽاسڪ فورس توانائي واري شعبي ۾ اصلاحات تي ڪم ڪندو. 20 نڪتن تي اصلاحات جي شروعات ٿي چڪي آهي جيترو جلد معاملن کي صحيح ڪنداسين اوترو ئي جلد معيشت پٽڙي تي چڙهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔