حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، 2 روپيه 56 پئسا اضافي جي منظوري

اسلام آباد: حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، ملڪ ۾ بجلي 2 روپيه 56 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي،  جڏهن ته نيپرا ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بجلي جي قيمت ۾ اضافو جون جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. لائف لائن صارفين ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي اهو اضافو لاڳو نه هوندو

نوٽيفڪيشن موجب آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ صارفين کي اضافي ادائيگيون ڪرڻيون پونديون، سي پي پي اي نيپرا کان 2 روپيه 63 پئسا في يونٽ جو اضافو گهريو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔