مختلف ملڪن لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي: پيرس ۾ ڪيفي ۽ هوٽل کلي ويا

پيرس: مختلف ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان پوءِ زندگي معمول تي اچڻ لڳي، پيرس جي مشهور روڊ تي ڪيفي ۽ هوٽلن  تي ڪم شروع ٿي ويو.

برطانيه جي سڀني کان ننڍي ڪافي شاپ به کلي وئي. ٿائيلينڊ ۾ بيوٽي سيلون کولڻ کان پوءِ گراهڪن کي ننڍا ماسڪ پارايا ويا. پرتگال ۾ ڊرائيو ان سئنيما کلي ويا.

پيرس جي مشهور روڊ تي 11 هفتن جي شٽ ڊائون کان پوءِ  ماڻهو کلي هوا ۾ پنهنجن پسنديده کاڌن مان مزو وٺندا رهيا. ويٽرز ماسڪ پائي گراهڪن جي سماجي وٿي برقرار رکي. 

برطانيه جي سڀني کان ننڍي ڪافي شاپ به کلي وئي جيڪا برٽش جوڙي ٻن ٽيليفون باڪسن ۾ ٺاهي رکي آهي. ميڪ اپ به ڪرائڻو آهي ۽ وائرس کان به بچڻو آهي.

ٿائيلينڊ ۾ بيوٽي سيلون تي ايندڙ گراهڪن کي ننڍا ماسڪ پارايا ويا. عورتن محفوظ طريقي سان چهري جي خوبصورتي ۾ واڌ ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔