لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ شهباز شريف جي 17 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف کي 5 لک رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ نيب طرفان شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جو امڪان هو، گرفتار نه ڪرڻ لاءِ شهباز شريف درخواست ڏني هئي، جنهن تحت اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو، شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، عدالت ويندڙ سمورن رستن تي پوليس سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻن کي عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ گرفتاريون ته ڪندو آهي، پر ريفرنس داخل ناهي ڪري سگهندو، عمران نيازي نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته نيب هٿان شهباز شريف ٻيهر گرفتار ٿئي، جڏهن ته عدالت طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. ضمانت منظور ٿيڻ بعد شهباز شريف واپس روانو ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔