آمريڪا ۾ مظاهرين ڪرفيو ٽوڙي روڊن تي نڪري آيا

واشنگٽن:  آمريڪا ۾ مظاهرين ڪرفيو ٽوڙي روڊن تي نڪري آيا، واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ ماڻهن ڪاري نسل جي شهري جي مارجي وڃڻ تي سخت احتجاج ڪيو.

واشنگٽن کان هالي ووڊ تائين لکين ماڻهن ڪرفيو ٽوڙي سخت احتجاج ڪيو. پوليس اهلڪارن جي هٿان مارجي ويل ڪاري نسل جي جارج فلائيڊ جي فيملي به مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي. جارج جي اباڻي شهر هيوسٽن ۾ ٿيندڙ مظاهري ۾ وڏي پيماني تي ماڻهن شرڪت ڪئي.

لاس  اينجلس ۾ پوليس ۽ فوجي اهلڪارن کي مظاهرين سان گڏ گوڏن ڀر ويهڻو پيو. مظاهرين فوجين کي مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. آمريڪي اختيارين 40 شهرن ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي. پينٽاگون جو چوڻ آهي ته 1600 فوجين کي واشنگٽن جي ڀرپاسي ۾ موجود ايئربيس تي مقرر ڪيو ويو آهي هي اهلڪار هاءِ الرٽ درجي ۾ آهن. 

مظاهرن دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مذهبي  هنڌن جو دورو ڪيو ان موقعي تي ان جي گهر واري ميلانيا به گڏ هئي. هو ڪجهه منٽن تائين پوپ جي مجسمي آڏو خاموش بيٺل رهيو. ٽرمپ جي دوري دوران مظاهرين احتجاج ڪندا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔