پاڪستان پارا چنار واقعي تي ايراني بيان غيرضروري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پارا چنار ۾ ٿيل قبائيلي تڪرار بابت ايران جي بيان کي غيرضروري قرار ڏئي ڇڏيو.
هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيوته وڏي انگ ۾ پاڪستاني شهري وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيو آهن، گهڻي ڀاڱي پاڪستاني قانون جو احترام ڪندڙ آهن، ميزبان حڪومتون پنهنجن معاشرن جي ترقي ۾ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهينديون آهن، پاڪستان سدائين پنهنجي شهرين هدايت ڪئي آهي ته هو جن ملڪن ۾ آهن اتان جي قانون ۽ روايتن جو احترام ڪن، جڏهن ڪو ڪيس پرڏيهي وزارت وٽ ايندو ته اِهو لاڳاپيل حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ ٿيل واقعي جرمن حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، جرمن حڪومت کي چيو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪ افغان سرحد تي مال بردار گاڏين جي ويزا بابت سوال تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪ-افغان سرحد وٽ ماڻهن جي چرپر لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم انتهائي ضروري آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنج آگسٽ 2019 کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ٿيل تبديلين تي هر پليٽ فارم تي آواز اُٿاريندو رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي دماغ تي پاڪستان ڇانيل آهي، ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه به ٿئي ٿو ان جو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو آهي، ڀارتي ميڊيا ۽ ڀارتي پبلڪ آفيشلز کي پاڪستان آبسيشن آهي، هو هر ناڪاري شئي ۽ واقعي تي پاڪستان تي الزام لڳائيندا آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان يقين رکي ٿو ته فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي آندو ويندو.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم طبعيت بگڙجڻ سبب ايراني صدر جي حلف برداري تقريب لاءِ هڪ ٽيم کي نامزد ڪيو، ان ٽيم نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستاني نمائندگي ڪئي.
پارا چنار واقعي تي ايراني اختيارين جي بيان بابت پرڏيهي آفيس جي ترجمان ردعمل ڏيندي چيو ته ڪنهن به انسان جو قتل ناقابلِ برداشت آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو ذميوار آهي، پارا چنار معاملي تي ايراني بيان غير ضروري آهي، ان بيان ۾ پارا چنار جي مڪمل صورتحال جو خلاصو موجود نه آهي، گهرو وزارت ان معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، شيڊيول 4 ۾ ماڻهن کي شامل ڪرڻ هڪ قانوني عمل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔