چين ۽ سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد : چين ۽ سعودي عرب طرفان هلندڙ مالي سال 2024-25 ۾ پاڪستان کي 9 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان آهي ان سان گڏوگڏ پاڪستان ديا مير ڀاشا ڊيم لاءِ به فنڊنگ جو خواهشمند آهي.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب، پاڪستان کي تيل ۽ شين لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ وٽان 5 سئو ملين ڊالرز جي فسيلٽي ملڻ جو امڪان آهي پر سعودي عرب طرفان تيل جي قرض جي هڪ ٻي سهولت ۾ واڌ جو امڪان نه آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان هلندڙ سال 20 ڏهائي 8 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جي ڪُل ادائيگين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنيوا ڊونر ڪانفرنس 2023 دوران 10 ڏهائي 7 بلين ڊالرز جو واعدو ڪيو هو پر ان مان رڳو ٽي ارب ڊالرز ئي مليا آهن، پاڪستان ڊونرز ڪانفرنس تحت ڪيل واعدن جي مد ۾ فنانسنگ حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ عالمي بئنڪ کان هڪ بلين ڊالرز جي اميد رکي ٿو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ اين فائيو پروجيڪٽ لاءِ فنانسگ فراهم ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔