پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ چين ماضي ۽ آمريڪا مستقبل آهي: ڊونلڊ لو

لنڊن :ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪا جي اسسٽنٽ اسٽيٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان چين  ماضي آهي ۽ اسان مستقبل آهيون.ان لاءِ ڊونلڊ لو خطي ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ مجموعي طور تي 10 ڪڙوڙ 10 لک ڊالرز جي بجيٽ منظور ڪرڻ لاءِ ايوان کي درخواست ڏني آهي، بي بي سي جي رپورٽ موجب عالمي بئنڪ جي اڳوڻي چيف اڪنامسٽ ڪارمين رين هارٽ تبصرو ڪندي چيو آهي ته بيجنگ پنهنجي بئنڪن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اهو بين الاقوامي سطح تي قرض ڏيڻ جي خطرناڪ ڪاروبار ۾ گهڙي ويو آهي .چين تي اها به تنقيد ٿيندي رهي آهي ته ‘قرض جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي سفارتڪاري’ ڪري رهيو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته چين کي اهڙن پرڏيهي قرضن مان ڪو به فائدو نه آهي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ چائنا پروگرام جي سربراهه ميا نووينس جو چوڻ آهي ته چيني سيڙپڪاري ۾ موقعي پرستي ۽ سياست جو عنصر واضح آهي.ٽفٽس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر فهد همايون جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي تازن بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان خاص طور تي آمريڪا طرفان وڌندڙ دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا پاڪستان ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ مقابلو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔