نوري آباد: ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

نوري آباد : ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر  سان ٽڪرائجي وئي، فوتين جا لاش ۽  زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو

فوتين ۾ شمن علي ڪانڌڙو، عبداللطيف ڪانڌڙو، ڪوچ ڊرائيور محمد سهيل شامل، هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ نه ٿي

زخمين ۾ مريم، عارفه، صنم، عروج، صوبيه، انند ڪمار، عبدالجبار، مسمات حنيفه، سميع الله ۽ ٻيا شامل آهن

زخمين کي حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، لوڻي ڪوٽ پوليس ڪوچ ۽ ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔