اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته دهشتگردي جي خدشي سبب صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

صوبائي وزير چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻي جي نالي تي شهرين جون زندگيون زهر بڻائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

عظميٰ بخاري چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ئي ڌرڻن ذريعي اقتدار ۾ حاصل ڪرڻ آهي، اوهان کي اڍائي ڪلاڪن واري بک هڙتال ئي سوٽ ڪري ٿي، 3 کان 7 واري ٽائمنگ اوهان لاءِ بهتر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڌرڻا پارٽي وٽ احتجاج ۽ ڌرڻي لاءِ خيبرپختونخوا موجود آهي، بنون ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعي تي قوم سوال اُٿاري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔