حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ تان هٿ کڻي ورتو، اوگرا جون اهم تجويزون اچي ويون

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي اگهن جي تعين جو حڪومتي اختيار ختم ڪرڻ واري معاملي تي آئل اينڊ گئس ريگوليشن اٿارٽي (اوگرا) ٻه تجويزون تيار ڪري ورتيون.

ذريعن موجب، اوگرا جي پهرين تجويز اِها آهي ته قيمتن جي تعين جو اختيار ريگوليٽر طور اوگرا کي ئي ڏنو وڃي ۽ ٻي تجويز اِها آهي ته اگهن جي مقرري جو اختيار مارڪيٽ وٽ هجي، اوگرا صرف معاملي جي نگراني ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا جون ريگوليٽر طور ٻئي تجويزون اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، تجويزن تي پيٽروليم ڊويزن سان مشاورت ٿيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم منظوري ڏيندو.

ذريعن موجب، پيٽروليم ڊويزن هڪ هفتي ۾ قيمتن جي تعين بابت حتمي فيصلو ڪندي، وزيراعظم قيمتن جي تعين بابت پنهنجي ذميواري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن کانسواءِ ڪنهن به شئي جي قيمت جو تعين حڪومت ناهي ڪندي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي سدائين حڪومت تي تنقيد ٿيندي آهي.

ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن جي تعين بابت آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي به اختيار ڏئي سگهجي ٿو پر آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمتن جي تعين جو اختيار ڏيڻ منافعي خور جو خدشو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊيلرز، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪري چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔