ڪراچي ۾ موسم خوشگوار رهڻ جي اڳڪٿي، آگسٽ ۾ تيز برسات جا امڪان

ڪراچي: چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ايندڙ ڏينهن دوران ڪراچي جي موسم خوشگوار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

سردار سرفراز موجب، 29 جولاءِ کان چوماسي سسٽم سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، 29 جولاءِ جي منجهند يا رات ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب، چوماسي جو نئون اسپيل 31 جولاءِ تائين اثرانداز رهندو، شهر جي مختلف علائقن ۾ وچولي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ برساتن امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔